بهڻي بوهڻ

بَهڻي، بُوهڻ: هيءَ نانگ جهڙي ڊگهڙي مڇي ٿئي ٿي، جنهن کي سنڌ ۾ گوج ۽ گوجيرو به چون ٿا. ڪراچيءَ جا رهواسي هن مڇيءَ کي ’سانپ مڇلي‘ يا ’بام مڇلي‘ چوندا آهن. هن مڇيءَ جو عام انگريزي نالو Eel آهي، پر ان جا ڪافي قسم ۽ جنسون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن مان هر هڪ جنس لاءِ ڪو جدا نالو مخصوص ٿيل نه آهي، پر انهن جا انگريزي ۽ سائنسي نالا الڳ الڳ آهن. مثال طور: Zig-zag yellow tail eel، Peacock eel، Spiny eel وغيره. سنڌ ۾ ملندڙ اهي (۽ انهن جهڙيون ٻيون) مڇيون حياتياتي چارٽ ۾ مختلف ترتيب (Order) جون آهن. انهن مان هڪ ترتيب جي مڇين جون کنڀڙيون بلڪل غائب هونديون آهن ۽ بلڪل نانگ جهڙيون لڳنديون آهن. اهي ڪجهه وقت پاڻيءَ کان ٻاهر به رهي سگهنديون آهن. ٻيءَ ترتيب جي مڇين کي جسم جي پوئين اڌ ۾ پٺيءَ ۽ پيٽ تي قطار ۾ جهالر واريون کنڀڙيون ٿين ٿيون. ڪن مڇين کي پٺيءَ تي آري نما ڪنڊا به ٿيندا آهن. هي مڇيون کائڻ ۾ لذيذ ٿين ٿيون. ڪراچيءَ جا ماڻهو شوق سان کائين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو